سنڌ جي ڪوئل جيجي زرينه بلوچ - مهراڻ سنڌي

جڏهن ڪا ڪوئل ڪنهن وڻ تي ويهي ڪوڪو ڪندي آهي ته دل کي سڪون ۽ راحت ملي ٿو جڏهن ان جو پيارو آواز هوائن ۾ گونجي ٿو ته ائين لڳندو آهي جيئن ڪوئل پنهنجي خوشي جو اظهار ڪري رهي هجي. اهڙي طرح هن سنڌ ڌرتي تي زرينه بلوچ نالي ڪوئل 1934ع تي حيدرآباد جي ڳوٺ الهداد چنڊ ۾ محمد موسى جي گهر ۾ جنم ورتو . گهر ڀاتين ۾سندس والده محترمه گل روز صاحبه سندس ڀائر محمد يوسف ۽ محمد عثمان بلوچ شامل آهن. سندن تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1960ع تي فائنل جو امتحان پاس ڪري سنڌ جي نياڻين کي علم جي روشني ڦهلائڻ لاءِ استاد جي مقصد اخترار ڪري شاگردن کي خاص طور تي نياڻين کي علم جي روشني ڏئي همٿايو ۽ زندگيءَ جو مقصد سيکاريو.
 پاڻ سنڌ ڌرتي جي ڌيءُ هئي سندس سنڌي قوم جي ٿيندڙ هر جلسن ۾ گڏ هوندي هئي جنهن جو مثال مارشلا جي دور ۾ پيري پنڌ قافلو جنهن ۾ پانڌيئڙن تي پوليس ڪڙڪي پئي ٻين سنڌي نياڻين سان گڏ جيجي پڻ تشدد جو نشانو بڻي, سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي جي لاءِ ضياءِ الحق جي دور ۾ کين ٻه سال قيد ۾ پڻ گذاريو، اهڙي ماءُ کي پوءِ سنڌي ڇو نه جيجي جو لقب ڏئي. ڪوئل جهڙي آواز ۾ پاڻ سنڌوديش جو قومي ترانو پڻ ڳايو آهي. پاڻ سائين جي ايم سيد جي نظريي جي تمام گهڻو ويجهو هئي ٿيندڙ هر پروگرام (سائين جي ايم سيد جي سالگراھ) ۾ پڻ شرڪت ڪندي هئي.
 جيجي جي پهرئين ڪهاڻي”روح رهاڻ“ رسالي ۾ڇپجي آئي پاڻ ڪهاڻين جو ڪتاب پڻ لکيو ” تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون “ جي مهاڳ ۾ سنڌ جي ڪهاڻيڪار خيرالنساءِ جعفري لکي ٿي ته ” زرينه تون ان ڪري اهم آهين جو تو ۾ سچ جو ثمر آهي سموري سنڌ تنهنجي ساهن ۾ تنهنجي ڳلي ۾ پاتل آهي تون ئي ته آهين، جنهن قوم کي ” جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام مُحبت پيئي سنڌ “ جهڙو لازوال گيت ڏنو. تنهنجي فن، سچ ۽ ايمان کي ئي محسوس ڪري آمريڪا، ڀارت، انگلينڊ ۽ دبيءَ جي سنڌين توکي سنڌ جو سونو نقشو ڳلي ۾ ميڊل طور پارايو هو جو اڄ به تنهنجي دل جي ڌڙڪن تي لڏي رهيو آهي. جڏهن تنهنجي دل اهو نقشو لڏندي ڏسندي آهيان، تڏهن لڳندو آهي ته سنڌ حرڪت ۾ آهي، سنڌ برڪت ۾ آهي. باقي هونئن ته سموري سنڌ الاءِ ڪهڙن ڪهڙن ۽ ڪيترن سياسي سيلابن ۾ ٻڏي رهي آهي. ڪاش! هر دل وسيع زرينه جيئن هجي! اڃا انيڪ سيلاب ساھ ۾ سانڍي پنهنجي وجود، پنهنجي شڪتي ۽ فن کي سر سبز رکي سگهي. ڪاش هر دل تي پنهنجي ڌرتيءَ جا اهڙا نقشا اڀريل هجن“ ـ
 پاڻ استاد، قومي ڪارڪن، ڪهاڻيڪار، شاعره ۽ ڳائڻ سان گڏ اداڪاري جو ڪردار به خوب نموني سان نڀايو سندن ڪيل ڪردار عام هوندو هو ڪنهن به قسم جي غير ضروري سجاوٽ نه ڪئي، جيجي دنگيءَ منجھ درياھ، راڻيءَ جي ڪهاڻي، جهنگل، ڪاروان، ديوارين، آن ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري چڪي آهي انهن ڊرامن کي ”ورلڊ ڊراما فيسٽيول“ انعام پڻ مليا، جيجي کي لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ، سگا ايوارڊ، وحيد ايوارڊ، رام پنجواڻي ايوارڊ ۽ ٻين لاتعدادن ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو.
ڪوئل جهڙو آواز پهريان 1962ع تي ريڊيواسٽيشن تي هلايو ويو. اڳتي هلندي جيجي تمام گهڻا لوڪ گيت ڳائيندي ماڻهن جي دل ۾ جاءِ وٺندي وئي. پاڻ استاد محمد جمن کان پڻ سکيا ورتي هن جي آواز ماڻهن کي ايترو ته جهمائي ڇڏيو جو جڏهن هو مور ٿو ٽلي چوندي هئي ته ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي ۽ هو خوشي منجهان نچڻ شروع ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ کي سنڀالي نه سگهندا هئا، جيجي سنڌي ڀينرن سان گڏ ويهي سهرا پڻ ڳايا آهن

جيجي جا ٻيا ڳايل گيت هيٺ پيش ڪجن ٿا ــــــــــــــــــــــــــ

سُڪون جي ننڊ - ڪهاڻي - مهراڻ سنڌي

اهڙي ننڊ شايد زندگي ۾ مونکي ڪڏهن ناهي آئي جيڪا اڄ اچي رهي آهي، پر خبر ناهي ڇو هيءَ ماڻهن جو هجوم منهنجي گهر ۾ نظر اچي رهيو آهي.  انهن کي ڪير ٻاهر ڪڍڻ وارو ناهي ڇا؟ منهنجي سهڻي به الائي ڪٿي آهي، لڳي ٿو رڌڻي ۾ مصروف هوندي ڪم جو گهڻو ڪندي آهي آخرڪار منهنجي سهڻي منهنجي سُگهڙ زال جو آهي محنتي آهي نه ڪي مون وانگر جو ننڊ پئي هجي پر مون کي اڄ عجيب ٿو لڳي دل ٿي چئي هاڻي اٿان پر منهنجو ڄنگهون آهن ڇا مٿي کڄن ئي نٿيون، چڱي طرح ياد به نه ٿو اچي رات ڪا ڪوڏر ته ڪٿي ڪانه هئين اٿم، پر نه مون جهڙي سست ماڻهوءَ کي ڪوڏر هڻڻ، مزوري ڪرڻ ڪٿي پڄندي، پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندين ايتري ۾ هڪ همراھ رڙ ڪئي ۽ چيائين ته ” مرڻو اٿئي ڇا؟ اُٿي هتان“ ـ مون کي ته ڳالھ سمجھ ۾ ڪانه آئي منهنجي گهر ۾ همراھ گهڙي ۽ مونکي ٿو چوي ته ”مرڻو اٿئي ڇا“ دل چيو ته اُٿي ٻه مُڪون هڻانس جو کلڻ وقت پنهنجا 32 ڏند نه ڏيکاري سگهي، پر ٺهيو مان به شريف ماڻهو ڇا ان کي مُڪون هڻان، وري به مون کي ڳالھ سمجھ ۾ ڪانه آئي ته اسڪول جا ٻار ڊريس پهريو هي مون تي کلن ڇو ٿا؟ شايد منهنجي پُٽ کي وٺڻ آيا هجن ته اسڪول وڃڻ لاءِ، اڙي! ، مونکي ته پٽ ئي ناهي منهنجو به دماغ الائي ڪاڏي سفر پيو ڪري لڳي ٿو اڏري پيو پکين سان گڏ مون کي بستري تي ڇڏي پاڻ اڏري پيو، اڙي نڀاڳا عقل مون کي به پاڻ سان گڏ اڏارين ها نه اڪيلو هليو ٿو وڃي، هنن ٻارن به اچي تنگ ڪيو آ مان ڀلا پنهنجي سهڻي کي سڏ ڪري انهن کي به ٻاهر ڪڍرايان مان سست ليٽيو پيو آهيان مون کان ته اٿڻ ئي ڪونه ٿو پڄي، سهڻي..... ، او سهڻي.... ڪاٿي آهين؟ هنن ٻارن کي ته ٻاهر ڪڍ گهڻو مٿو کاڌو اٿن ڏاڍو گوڙ ڪيو اٿن صرف کلڻ ۾ پورا آهن انهن کي مان ڪو موالي ٿو لڳان ڇا؟

منهنجا خيال ۽ سوچون - مهراڻ سنڌي

جنهن سوال جو جواب جڏهن خبر هجي ته اهو سوال نه پڇڻ گهرجي ـ


مون کي حيرت ٿيندي آهي انهن ماڻهن تي جيڪي پنهنجي مذهب کي هميشه صحيح چوندا آهن ـ

جنهن قوم ۾ ٻڌيءَ نالي ڪا شيءَ نه هجي مان سمجهان ٿو اها قوم ڪڏهن به خوشحال نموني سان اڳتي وڌي نه سگهندي ـ

ڪير به ڪنهن ٻئي کي چڳي طرح ڪونه ٿو سڃاڻي ڪير به ٻئي ڪنهن جي دل جا راض ڪونه ٿو ڄاڻي ـ

مان جڏهن پنهنجي سنڌي قوم کي غلامي هيٺ  نه ٿو ڏسي سگهان ته مان پنهنجي پاڻ کي ڪئين غلامي هيٺ رکي سگهان ٿو! ـ

جيڪڏهن آزادي بندوق کڻڻ سان ملي ها ته سائين ڪتاب نه لکي آ ـ